اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ موبائيل ڊيوائس مينوفيڪچرنگ پاليسي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار وا??ي حماد اظهر، واپار وا??ي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وا??ي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اداراجاتي سڌارن وا??ي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خ??وصي معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، بي او آءِ جو چيئرمين عاطف بخاري، ايف بي آر جو چيئرمين جاويد غني، پي ٽي اي جو چيئرمين ميجر (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.