اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 ڊسمبر تي پائيدار ترقي بابت اداري (ايس ڊ?? پي آءِ) جي اهم سالياني پائيدار ترقي ڪانفرنس جو افتتاح ڪندو. ڪوويڊ – 19 دوران پائيدار ترقي، جي عنوان هيٺ اهم چئن ڏين??ن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي 17 ڊسمبر تي وزيراعظم عمران خان جي پڄاڻي واري خطاب سان ٿيندي. آن لا??ن ڪانفرنس دور??ن ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ پائيدار ترقي جي لاءِ تعاون، هدفن ۽ انساني زندگي ۾ بهتري جا موضوع بحث هيٺ ايندا. اميد ڪئي پئي وڃي ته ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان مختلف شعبن س??ن تعلق رکندڙ ماهر شرڪت ڪندا.