ڪراچي – 13 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ميوزيم کي جديد سهولتن موجب ترقي ڏيڻ جي لاءِ ان جي اپ گريڊيشن جو منصوبو تيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ميوزيم ۾ تاريخي دستاويزن کي محفوظ بڻائڻ جي ليبارٽري ۽ ڊيجيٽلائيزيشن سينٽر پڻ قائم ڪرڻ گه??جي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل ميوزيم آف پاڪستان ڪراچي جي دوري دوران ڪيو. ان موقعي تي صدر کي عجائب گه?? جي صورتحال ۽ مستقبل جي اپ گريڊيشن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر قومي عجائب گه?? کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ان کي سياحن جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته پاڪستان جي شاندار تاريخ آهي، اهو سنڌ ۽ گنڌارا جهڙين دنيا جون عظيم تهذيبون رکندڙ آهي. صدر کي ٻڌايو وي?? ته 1950ع ۾ قومي عجائب گه?? قائم ٿيڻ کانپوءِ هتي تاريخ کان اڳ، هڙپه، گنڌارا ۽ ٻين تهذيبن سان واڳيل 97 هزار کان وڌيڪ تاريخي دستاويزن کي محفوظ بڻايو وي?? آهي ۽ انهن کي ميوزيم جي 10 وڏين گيلريز ۾ نمائش جي لاءِ رکيو وي?? آهي.