اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايتن موجب احساس پروگرام هلندڙ ٽن مهينن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ 11 پناهگاهن (شيلٽر هوم) جو افتتاح ڪيو آهي جنهن ۾ 5 پناهگاهون ڪراچي ۾، 4 بلوچستان جي ضلعن ڪوئيٽا، قلعه عبدالله، گوادر ۽ لسٻيله ۾ جڏهن ته هڪ هڪ پناهگاه گلگت بلتستان ۽ خيبرپخ??ون??وا جي ضلعن اسڪردو ۽ مردان ۾ تربيتوار قائم ڪيون ويون آهن. ضرورت موجب وڌ کان وڌ مزدورن تائين رسائي لاءِ اهي پناهگاهون گهٽ آمدني وارن ۽ پناهگير مزدورن جي رهائشي علائقن ۾ قائم ڪيون ويون آهن، پناهگاهن جو تصور وزيراعظم جي بي وس ۽ لاچار ماڻهن کي سهولت ۽ انهن جي وقار کي برقرار رکڻ جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو. پناهگاهون ماڻهن کي موسم جي شديد صورتحال ۽ سردي ۽ گرمي کان محفوظ رکن ٿيون، گذريل س??ل آگسٽ ۾ وزيراعظم ??رب?? جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن کي پناهگاهن جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي ذميداري سونپي هئي، ان کانپوءِ ڪم کي تيزي سان ڪيو ويو ۽ هڪ فريم ورڪ تيار ڪيو ويو جنهن تحت اسلام آباد ۾ سمورين پنج پناهگاهن جي معيار کي اپ گريڊ ڪيو ويو، ??رب?? جي خاتمي ڊويزن پاليسي فريم ورڪ تيار ڪيو ۽ پاڪستان بيت المال کي ان تي عملدرآمد جي ذميداري سونپي وئي، ??رب?? جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته اهي پناهگاهون هڪ بيڊ ?? ناشتي جي سهولت سان کاڌو، ضروري سامان، صفائي سٿرائي ۽ تحفظ فراهم ڪنديون آهن ۽ هر پناهگاه ۾ 500 جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي مفت کاڌو ۽ رات جي قيام لاءِ 100 بسترن جي سهولت فراهم ڪئي ويندي آهي.