اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ عمل ۾ شفافيت ??اء?? آءِ ووٽنگ جي نظام جي اهميت ت?? زور ڏيندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته جديد سيڪيورٽي خاصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ ڪيو وڃي، انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم سان نه رڳو سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولت ملندي پر مجموعي چونڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ بابت ايمرجنگ ٽيڪنالاجيز بابت ذيلي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. صدر ملڪ ۾ چونڊ عمل ۾ شفافيت ??اء?? آءِ ووٽنگ جو نظام متعار?? ڪرائڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو ۽ ان ڏس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جديد سيڪيورٽي خصوصيتن جي حامل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. هن چيو ته انٽرنيٽ ووٽنگ سسٽم متعارف ٿيڻ سان جتي سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولت ميسر ايندي اتي ان سان ملڪ جي مجموعي چونڊ عمل ۾ به بهتري ايندي. صدر چيو ته چونڊ عمل جي ساک محفوظ بڻائڻ ??اء?? چونڊ سامان جي سيڪيورٽي ۽ ٻي عمل کي فول پروف ۽ شفاف هجڻ گهرجي. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزارت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي تياري ??اء?? قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.