اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان ٽيلينٽ کي راندين طرف ??توجهه ڪرڻ ۽ دنيا ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميگا اسپورٽس ايونٽس جو انعقاد ضروري آهي، ڪشمير پريميئر ليگ جي ذريعي عالمي سطح تي ڪشمير جي خوبصورت منظرن ۽ ثقات جي فروغ لاءِ معياري پليٽ فارم ميسر ايندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير پريميئر ليگ ( ڪي پي ا??ل) جي ا??تظاميه جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. ڪشمير معاملن بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي، ڪشمير پريميئر ليگ جي صدر عارف ??لڪ، چيف ايگزيڪيٽو آفيسر چوڌري شهزاد اختر، ڪشمير پريميئر ليگ جي ا??تظاميه جا سينئر ميمبر، فرنچائز مالڪ ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به موجود هئا. ليگ جي ا??تظاميه صدر کي ڪي پي ا??ل جي ارادن ۽ مقصدن جي باري ۾ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ليگ جي ا??عقاد سان پوري دنيا ۾ ڪشمير ڪاز اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشمير کي عالمي راندين ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ مدد ملندي.