اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ تربيلا ??نج توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ تربيلا ??هچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تربيلا 5 توسيع منصوبو 807 ملين ڊال?? جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ منصوبي جي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهن، منصوبو صرف ٽن سالن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ تربيلا ڊيم کي مٽي ڀرجڻ جي خطرن کان محفوظ بڻا??ي، پراجيڪٽ جي ڪر?? تربيلا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنياد تي پاڻي جي دستيابي جاري رهندي. تربيلا 5 توسيع منصوبي سان 1530 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ سستي پن بجلي به حاصل ٿيندي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ارب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. تربيلا ??نج توسيع منصوبي جي تعمي?? جي ڪري ملازمتن جا 3 هزار موقعا پيدا ٿيندا، منصوبي جي ڪر?? تربيلا کان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، تربيلا ??نج توسيع منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.