اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن وار?? صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ بين ال??وبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ مجلس شوريٰ پارليامينٽ کي صدر جي خطاب، قانونسازي ۽ نئين پارلياماني سال جي ڪلينڊر بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. موجوده قومي اسيمبلي جي چوٿين پارلياماني سال جي شروعات صدر جي خطاب سا?? ٿيندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته موثر قانونسازي ذريعي ئي ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو ۽ عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. چوٿين پارلياماني سال ۾ ال??وا ۾ پيل قانونن جي منظوري ۽ عو??مي ڀلائي بابت قانون ترجيحي بنيادن تي منظوري جي لاءِ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽئين پارلياماني سال ۾ عو??مي ڀلائي بابت ڪيترائي بلز منظور ڪيا ويا، بجيٽ ۽ عو??مي اهميت وارن معاملن تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو. اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ساراهه ج??ڳي آهي جنهن جو ڪريڊٽ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ڏانهن وڃي ٿو. بابر اعواڻ چيو ته پارلياماني سال جو ڪيلينڊر تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.