اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مثالي پناه??اه?? جو قيام جلد عمل ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پناه??اه?? جو مقصد غريب طبقي جي عوام جي وقار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ڳالها??ين??ي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بيت المال جو ايم ڊي، سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي پناه??اه?? جي صورتحال ۽ بهتري لاءِ جوڙيل جامع منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ٽن مرحلن ۾ عملدرآمد ڪيو ويندو، منصوبي موجب موجوده پناه??اه?? ۾ سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري آندي ويندي، نجي عالمي معيار جي هوٽلن مان پناه??اه?? جي عملي کي تربيت فراهم ڪئي ويندي، پاليسي تي عمدلرآمد لاءِ هڪ بورڊ ۽ انتظامي معاملن کي ڏسڻ لاءِ هر پناه??اه?? ۾ 4 رڪني بورڊ جوڙيو ويندو، سهولتن جي حوالي سان ڊجيٽل ??يش بورڊ جوڙيو ويندو جيڪو نگراني ۾ مدد ڪندو. ڊيش بورڊ کي موبائيل جي ذريعي باآساني هلائي سگهجي ٿو ۽ موجوده پناه??اه?? ۾ مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن کي حل ڪيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پناه??اه?? کي ان مقصد جي لاءِ تعمير ڪيل عمارتن ۾ منتقل ڪرڻ به منصوبي جو حصو آهي، پناه??اه?? سان گڏ احساس ون ونڊو سينٽر به کوليا ويندا، ون ونڊو سينٽر جي ذريعي پناه??اه?? ۾ رهندڙ اهل ماڻهن کي احساس تحت ٻين پروگرامن مان سهولت وٺڻ ۾ آساني ٿيندي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته جن پناه??اه?? تي ماڻهن جي رش آهي انهن تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته پناه??اه?? سان جو سياست سان ڪو به تعلق نه آهي، ان جو تعلق الله ۽ ان جي مخلوق جي خدمت سان آهي. پناه??اه?? جو مقصد معاشي طور تي غريب طبقي جي ماڻهن جي وقار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي، پناه??اه?? کان پهرين غريب ماڻهو روڊن تي سمهڻ تي مجبور هئا، وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي موجب مثالي پناه??اه?? جو قيام جلد عمل ۾ آندو وڃي.