اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) حڪومت آبادگارن ۽ هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آه?? جنهن تحت پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هارين لاءِ خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آه??. وزيراعظم آف??س پاران ان حوالي سان جاري ڪيل هدايتن ۾ هارين جي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي حڪومتن کي خصوصي حڪم جاري ڪيا ويا آه?? جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ لاڳاپيل آف??سرن کي هارين جي شڪايتن جي فوري حل لاءِ قدمن جون هدايتون ڪيون ويون آه??.
وزيراعظم عمران خان پاران جاري هدايتن ۾ چيو ويو آه?? ته سرڪاري آف??سر هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، ان حوالي سان وزيراعظم ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) سمورين صوبائي حڪومتن کي خط جاري ڪيو آه??، جنهن تحت هاڻي هاري پنهنجا مسئلا سڌو سنوان سٽيزن پورٽل تي ٻُڌائي سگهندا، وزيراعطم آف??س چيو آه?? ته پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ هاڻي آبادگارن ۽ هارين کي سرڪاري آف??سن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا،
وزيراعظم آف??س هدايت ڪئي ته سمورا چيف سيڪريٽريز هارين جي مسئلن جي حل تي آف??سرن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ جوڙين، خط ۾ سمورنص وبن ۾ هارين جي مسئلن جي لاءِ 123 سرڪاري آف??سرن کي ذميداريو?? سونپيون ويون آه?? ۽ ان حوالي سان خيبرپختونخوا جي 43 جڏهن ته پنجاب جي 57 آف??سرن کي ذميداري سونپي وئي اهي، سڄي ملڪ جا هاري هاڻي پي ايم پورٽل تي ڪارڊ، ڀاڻ، ٻج، پاڻي جي چوري، فصل، جنسن جي قيمتن تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهندا. ان کانسواءِ جيت مار دوائن ۽ ٻين 52 مسئلن جو ازالو به بروقت ممڪن ٿي سگهندو، وزيراعظم آف??س هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ان حوالي سان آبادگارن ۽ هارين جي آگاهي لاءِ ضلعي سطح تي خصوصي مهم به هلائي وڃي.