اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آ??ين جا محافظ آهن، قانون جي حڪمراني ۽ آ??ين جي بالادستي ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي، بار ايسوسيئيشنز جي سياست آزاداڻي هجڻ گهرجي، حڪومت ۽ سياسي پارٽين جي ان ۾ ڪا مداخلت نه هجي، ايندڙ دور ڊيجيٽل آهي، ليگل سسٽم جي مضبوطي جي لاءِ ريفارمز ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ن??ين چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ تقريب کي خ??اب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي مفاد بار ايسوسيئيشنز س??يت اسان سڀني جي لاءِ مٿانهون اهي، حڪومت بار ايسوسيئيشنز جي ڀلائي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ پرعزم آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هر سطح تي وڪيلن سان گڏ بيٺل آهيون، آ??ين ۽ قانون جي سربلندي جي لاءِ وڪيلن جون اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن بار ايسوسيئيشن تي زور ڏنو ته اها التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته بار ايسوسيئيشن جي هڪ اهڙي باڊي هجڻ گهرجي جيڪا سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي فيصلن جي ڀيٽ ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وڪيل برادري جي مسئلن کان آگاهه آهيون، وڪيلن جي مسئلن جو حل اسان جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ن??ين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. تقريب ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ن??ين چونڊيل صدر چوڌري محمد احسن ڀون، نائب صدر (پنجاب) خاور اڪرام ڀ??ي، سيڪريٽري وسيم ممتاز ملڪ، چوڌري رياست علي گوندل ايڊيشنل سيڪريٽري، سينيٽر علي ظفر، پاڪستان بار ڪائونسل جي عهديدارن طاهر نصرالله وڙائچ، حفيظ الرحمان چوڌري، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻن سيڪريٽرين راڻا شهزاد ۽ صفدر حسين تارڙ، ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان وڙائچ، نائب صدر (سنڌ) عزيز احم?? خان، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر (سنڌ) جان علي جوڻيجو، ذوالفقار حيدر شاهه، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر (پنجاب) راڻا اختر علي، چوڌري طارق جاويد ۽ اوورسيز پاڪستانيز فورم جي چيئرمين محمد ساجد تارڙ شرڪت ڪئي.