اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آرمي پ??لڪ اسڪول پشاور سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ان سانحي کي ياد ڪري قوم جو ڏک اڄ به تازو آهي، پاڪست??ني قوم اي پي ايس جي شهيدن ۽ انهن جي وارثن جي قرب??ني کي سدائين ياد ??کن??ي. اي پي ايس سانحي جي ستين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته دل ڏاريندڙ آرمي پ??لڪ اسڪول سانحي کي 7 سال گذري ويا پر ان کي ياد ڪرڻ قوم جو ڏک اڄ به تازو آهي، اهو افسوسناڪ سانحو اڄ به اسان جي ذهنن ۾ ڪالهه وانگر تازو آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته شهيد ٻارن جي عظيم قربانين قوم کي نئون حوصلو ۽ عزم ڏنو آهي، هيٿاربند فوج ۽ سول سيڪيورٽي ادارن ان سانحي ۾ ملوث دهشتگردن تي ڪاري ضرب لڳائيندي کين ڪيفر ڪردار تائين پهچائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته پاڪست??ني قوم اي پي ايس جي شهيدن ۽ انهن جي وارثن جي قرب??ني کي قيامت تائين ياد ??کن??ي، هن چيو ته پوري قوم ۽ حڪومت شهيدن جي والدين سان گڏ بيٺل آهي، معصوم شهيدن جي لازوال قرب??ني رائيگان نه ويندي.