اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان عالم?? جي معاشرتي ذميداري?? جي موضوع تي جمعي جو خطبو سڌو سئنون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، خطيب فيصل مسجد ڊاڪٽر قاري ضياءُ الرحمان جمعي جي خطبي ۾ قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ عالم سڳور?? جي معاشرتي ذميداري?? جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن اسلامي تاريخي حوال?? جي روشني ۾ دين اسلام ۾ عالم سڳور?? جي معاشرتي ذميدارين تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ماڻهن ۾ فهم دين پيدا ڪرڻ ۽ اصلاح ڪرڻ عالم سڳور?? جي ذميداري آهي، جمعو معاشري، ماڻهن ۽ عوام جي اصلاح جو ڏينهن آهي، هن چيو ته اسان جو دين اسلام تمام گهڻو وسيع آهي اهو وقت، قوم ۽ علائقي تائين محدود نه آهي، مسجدن ۽ منبر کي عوام النساس ۽ معاشري جي اصلاح لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، عالم سڳورا سماجي مسئل?? جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هو مسجدن کان ٻاهر نڪرن ۽ سماجي مسئل?? جي حل لاءِ پنهنجون ذميداريون پوريون ڪن، هن چيو ته اسا?? جي دين ۾ ماڻه?? جي اصلاح سان گڏوگڏ حقوق العباد جو نظام به ملي ٿو، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي، خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي وئي، جمعي جي نماز دوران ڪورونا وائرس جي وبا جي نئين لهر جي تناظر ۾ احتياطي تدبيرن ??ي عمل ڪيو ويو. سماجي فاصلو ۽ ماسڪ پائي نماز ادا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻه?? جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.