بيجنگ – 03 فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب چين جي سفير ووجائي ۽ چي?? ۾ ??اڪستان جي سفير معين الحق وزيراعظم جو هوائي اڏي تي استقبال ڪيو. وزيراعظم بيجنگ ونٽر اولمپڪس 2022ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ صدر شي جنگ پنگ ۽ وزيراعظم ل?? ڪي چيانگ سان ٻطرفي معاملن تي ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقات?? ۾ ??نهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي س?? پيڪ فريم ورڪ تحت واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملا بحث هيٺ ايندا. ان موقعي تي وزيراعظم چين جي مشهور ڪاروباري اڳواڻن، مشهور ٿنڪ ٽينڪس، دانشورن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان آن لائن ملاقاتن کانسواءِ اهم ٻطرفي ملاقاتن ۾ به شريڪ ٿيندو.