ڪراچي – 21 في??روري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گرين لا??ين بس ۾ مسافرن سان گڏ نمائش چورنگي کان گرو مندر تائين سفر ڪيو ۽ بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) سروس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گرين لا??ين ??س تي پنهنجي پهرين سفر دوران آفيشل ميڊي?? سان ڳالهائيندي صدر چيو ته بي آر ٽي گرين لا??ين بس منصوبو ڪراچي جي ماڻهن جي سهولت لا??ِ شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اها سروس ماڻهن کي آرامده سفر فراهم ڪندي. هن چيو ته گرين لا??ين بس سروس جي ڪري ڪلاڪن جي ڊگهي سفر جو وق?? هاڻي گهٽ ٿي ويو آهي. ان موقعي تي صدر عورت مسافرن کان بي آر ٽي گرين لا??ين بس منصوبي بابت انهن جا خيال پڻ پڇيا. صدر کي جواب ڏيندي مسافرن چيو ته اهي هن سروس مان مطمئن آهن ڇو ته انهن کي آرامده سواري ملي رهي آهي. هنن صدر کي ٻڌايو ته اهي روزانو بي آر ٽي ۾ سفر ڪن ٿيون ۽ انهن وٽ بي آر ٽي گرين لا??ين ٽرانسپورٽيشن ڪارڊ پڻ آهي. عورت مسافرن بس سروس تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان کان اڳ نمائش چورنگي جي بس اسٽيشن پهچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر عارف علوي گرين لا??ين بس ۾ سفر ڪرڻ جي لا??ِ پنهنجي ٽڪيٽ خريد ڪئي. سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ سنڌ مان پي ٽي آءِ جا ايم پي ايز پڻ صدر سان گڏ هئا.