اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت جا اتحادي ڪالهه به گڏ هئا ۽ آئنده به گڏ رهندا، سڀ چور پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ گڏ ٿي ويا آهن، انهن جي م??اق??ت سان حڪومت کي ڪو به فرق نه پوندو. نجي ٽي وي ??ئنل سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف جي خلاف ايف آءِ اي جو 16 ارب ۽ نيب ۾ ساڍا 7 ارب روپين جي ٽي ٽيز جو ڪيس هلي رهيو آهي، هن ??يو ته انهن ??ي خبر پئجي وئي اهي ته انهن جي چوري پڪڙي وئي آهي ۽ احتساب جو عمل اڳتي وڌي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو مخالف ڌر جيڪا ڪالهه هڪٻئي کي سليڪٽيڊ چوندي هئي اڄ وري انهن جي م??اق??تن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. سياسي پارٽيون م??اق??تون ڪنديون آهن پر گذريل ساڍا ٽي سالن کان اتحادي حڪومت سان گڏ آهن ۽ آئنده به گڏ رهندا.