اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نوجوانن تي زور ڏنو آهي ته اهي وڻڪاري ۾ ڀرپور حصو وٺن، هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪري، ايندڙ نسلن جي لاءِ اهو ضروري آهي، پوري دنيا ماحولياتي تبديلي جي خلاف اسان جي جدوجهد کي ساراه??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ اسڪائوٽس جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي بهار مو??م جي وڻڪاري مهم 2022ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسڪائوٽس کي انهن جي قائم ٿيڻ جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيان ٿو. بدقسمتي سان پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جتي مو??مياتي تبديلي جو خطرو درپيش آهي. وڻڪاري جي ذريعي اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جو تحفظ ڪري سگهون ٿا ۽ انهن کي بهتر ماحول فراهم ڪري سگهون ٿا. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي وڻڪاري مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن، والدين پنهنجي ٻارن جي مستقبل جي لاءِ ان مسئلي جي اهميت کي سمجهن ۽ هر خاندان گهٽ ۾ گهٽ 5 وڻ لڳائي ۽ انهن جي پرورش ڪري، اهڙي طرح اسان اصل ۾ پنهنجي مستقبل جي پرورش ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي 12 مو??م ڏنا آهن، ??تي هر قسم جي وڻن ۽ ميون جي واڌويجهه ٿي سگهي ٿي. اسان کي الله تعاليٰ جي ڏنل نعمتن جو قدر ڪرڻ گهرجي، اسان الله جي نعمتن جي پرواهه نه ڪئي ان لاءِ مو??مياتي تبديلي جي عذاب ۾ گهيريل آهيون. وزيراعظم چيو ته هلندڙ بهار جي مو??م ۾ 54 ڪروڙ وڻ لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو و??و آهي جهڙي طرح ان کان اڳ سمورا هدف ??اص?? ڪيا، هي به ڪنداسين. هن چيو ته ٽين بلين ٽري سونامي منصوبي سان پاڪستان جو ماحول بهتر ٿي ويندو، بدقسمتي سان گذريل سالن دوران انگريزن جا لڳايل ٻيلا ۽ وڻ به تباهه ڪيا ويا. وزيراعظم وڻڪاري مهم جي ڪاميابي تي ملڪ امين اسلم ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته مو??مياتي تبديلي جي خلاف اسان جي جدوجهد کي دنيا ساراه??و آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي مو??مياتي تبديلي واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم چيو ته هيستائين اسان وڻڪاري جي حوالي سان سمورا هدف ??اص?? ڪيا آهن. 54 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جو هدف ??اص?? ڪري ورتو آهي. هزارين ماڻهن کي وڻڪاري سان سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح روزگار ??اص?? ٿ??و آهي. هلندڙ سيزن دوران هدف کان پنجوڻ تي وڌيڪ وڻ لڳائينداسين. هن ٻڌايو ته سعودي عرب سان ماحوليات جي حوالي سان ايم او يوز تي صحيحون ٿي چڪيون آهن. برطانوي وزيراعظم ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم پڻ ماحوليات جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراه??و آهي. هن چيو ته ساڍا 9 هزار سائنس تي وڻڪاري جاري آهي ۽ ان جا تفصيل اسان پبلڪ ڪري ڇڏيا آهن. ان کان اڳ وزيراعظم ٻوٽو لڳائي بهار مو??م جي وڻڪاري مهم 2022ع جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي تعليم وارو وزير شفقت محمود ۽ ٻيا پڻ مو??ود هئا.