اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ طرف ڪرپشن بچائڻ وارو ٽولو ۽ ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان آهي، قوم فيصلو ڪيو آهي ته ملڪي سالميت ۽ وزيراعظم عمران خان سان گڏ ڄمي بيٺل آهي، سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪس??ان جي جمهوري مستقبل جو فيصلو ڪندو. سپريم ڪو??ٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهوڪي جلسي ۾ قوم وزيراعظم عمران خان تي اعتماد پلس ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ??ڌايو ته ٻاهريون قوتون حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوششن ۾ ملوث آهن، عوام فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته هو ملڪي سالميت سان گڏ آهي. هن چيو ته ڪامياب جلسي جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هڪ عرصي کانپوءِ قوم کي وزيراعظم عمران خان جهڙو اڳواڻ مليو آهي، پاڪس??ان ۾ هڪ اهڙو مفاد پرست ٽولو آهي جنهن جا مفاد ملڪ کان ٻاهر آهن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪس??ان جي جمهوري مستقبل جو فيصلو ڪندو، فرخ حبيب چيو ته هر اداري کي ملڪي سالميت عزيز آهي.