اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزي?? حنا رباني کر سان ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر ونڊي گلمر اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ مل??قات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر مملڪتي وزير کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني، مل??قات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. مملڪتي وزي?? حنا رباني کر ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ب??ائڻ ۽ ڪينيڊين ڪمپنيز کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي زور ڏنو، مملڪتي وزير ??اڪستان جي شاگردن لاءِ ڪينيڊين ويزا جاري ڪرڻ ۾ سهولت تي به زور ڏنو.