اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي جي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس ۽ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي حوال?? سان ??ڏي?? قومن جي جنرل سيڪريٽري اينتونيوگوتريس سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??ڏي?? قومن جي جنرل سيڪريٽري کي ڀارت ۾ جاري اسلامو فوبيا قدمن خاص طور تي تازو ئي حضور ﷺ جي باري ۾ بي جي پي جي ٻن سينئر عهديدارن پاران توهين آميز ريمارڪس کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙي طرح ڄاڻي واڻي ڪيل اشتعال انگيز?? سان سڄي دنيا جي اربين مسلمانن جي جذبن کي شديد ٺيس پهتو آهي، هن جنرل سيڪريٽر?? تي زور ڏنو ته هو ڀارت ۾ نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ ان جي گستاخاڻي ريمارڪس جو نوٽيس وٺي، هن ڀارتي عملداران پاران پرامن مظاهرين سان روا رکيل ناروا سلوڪ جي به مذمت ڪئي جنهن ۾ مظاهرين جي گهرن کي غير ق??نو??ي طور تي بلڊوز ڪرڻ به شامل آهي، جيڪي مسلمانن تي بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي اتحاد پاران مسلسل ظلم ۽ ستم جا تازا قدم آهن، پرڏيهي وزير چيو ته بي جي پي عهديدارن جي توهين آميز ريمارڪس جي عالمي مذمت جي باوجود بي جي پي جي اعليٰ قيادت ۽ ڀارتي حڪومت پاران واضح طور تي ان جي مذمت نه ڪرڻ انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. هن چيو ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس پنهنجي اسلامو بڪ ڪارروايون جاري رکيون آهن ۽ هو پرامن عوامي احتجاج کي طاقت جي وحشياڻي ۽ انڌي استعمال سان دٻائي رهي آهي، پرڏيهي وزير نفرت انگيز تقريرن ۽ اسلامو فوبيا تي ??ڏي?? قومن جي موقف ۽ ??ڏي?? قومن جي تهذيبن بابت اتحاد (يو اين اي او سي) جي اعليٰ نمائندن جي بيان جو ذڪر ڪندي جنرل سيڪريٽر?? تي زور ڏنو ته هو اهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي ۽ اسلامو فوبيا، زينو فوبيا ۽ ساڄي هٿ جي انتهاپسند?? سان لاحق نئين ۽ اڀرندڙ خطري کي اجاگر ڪن، پرڏيهي وزير جنرل سيڪريٽر?? تي زور ڏنو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. پرڏيهي وزير ۽ جنرل سيڪريٽري اسلامو فوبيا جو موثر طريق?? سان مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي جامع ڪرڻ لاءِ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.