پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر مشتاق احمد غن?? ڪشمير است??صا?? ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان هر محاذ ت?? ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، والاريل ڪشمير ۾ صدين کان جاري ڀارتي ظلمن جي ڪر?? ڪشميري عوام تي هر لمحو ڀاري آهي پر 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري نه رڳو والاريل ڪشمير جو بي رحماڻو است??صا?? ڪيو پر مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. اڄ خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ جي عوام 5 آگسٽ ت?? ڪشمير است??صا?? ڏهاڙو ملهائي دنيا کي باور ڪرائي رهي آهي ته پاڪستاني قوم سدائين وانگر مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر محاذ ت?? ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. مشتاق احمد غني جو چوڻ هو ته اڄ جي ڏينهن عالمي برادري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 5 آگسٽ تي ڀارتي حڪومت جو والاريل ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ، بدت??ين ڪرفيو ۽ ڀارتي فوج جو گهيراءُ ڀارت ??ي مڪروهه ارادن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي جيڪو خطي جي امن لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، عالمي برادري کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح ڀارت والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن ۽ سلامت?? ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميري عوام تي هر گذرندڙ ڏينهن سان ظلمن ۾ اضافو ڪندو پيو وڃي جيڪو عالمي انساني حقن جي ادارن جي لاءِ هڪ سخت امتحان ۽ فڪر جو لمحو به آهي.