ڪراچي – 13 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي ??وري قوم کي مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اس??ن جي بزرگن اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون. سنڌ جي وقتي گورنر جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آزادي هڪ ??عمت آهي ۽ اس??ن کي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪرڻ گهرجن ته هن اس??ن کي هڪ آزاد رياست سان نوازيو آهي جنهن ۾ سمورن مذهبن جي پيروڪارن کي پنهنجي مذهبي رسمن جي ادائيگي جي مڪمل آزادي سان سمورن رنگ ۽ نسل جي شهرين کي هڪ جهڙا حق حاصل آهن. هن چيو ته اس??ن کي گذريل 75 سالن جي تجربن جي روشني ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ گڏ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ هاڻي اها اس??ن جي ذميواري آهي ته اس??ن پنهنجي هن پاڪ ملڪ کي عالمي دنيا جي افق تي ??مايان مقام ڏياريون.