اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرين جي فوري مدد ۽ مڪمل بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي لاءِ گڏيل سروي سڀ کان پهرين بلوچستان ۾ ش??وع ڪئي وڃي، حڪومت متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي طريقيڪار ۾ شفافيت يقيني بنائيندي، آخري ٻوڏ متاثر ک?? ان جو حق ملڻ تائين سک سان نه وي??ندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثرين کي فوري مالي مدد اين ڊي ايم اي جي نگراني ۾ ڊيجيٽل طريقيڪار سان فراهم ڪئي وڃي. اجلاس کي گڏيل سروي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪندي ٻڌايو وي?? ته سروي ۾ ٻوڏ جي دوران فوت ٿيندڙن، زخمين، تباهه ٿيل گهرن، دڪانن، فصلن ۽ مارجي وي?? چوپائي مال جي ڊيٽا گڏ ڪئي وي??دي جنهن سان بحالي جي ڪمن ۾ شفافيت، بهتري ۽ تيزي يقيني بڻائي سگهبي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو وي?? ته اها سروي سڀ کان پهرين بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڪئي وي??دي جڏهن ته اها سروي 20 آگسٽ 2022ع کان شروع ڪري ان جي پڄاڻي 22 سيپٽمبر 2022ع تائين يقيني بڻائي وي??دي. ان کانسواءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران ڏني وي??دڙ فوري مالي مدد ۽ بائيو ميٽرڪ نظام تحت ورڇ ٿيندي جنهن جي نگراني اين ڊي ايم اي ڪندي. وزيراعظم انهن سمورن قدمن تي فوري عم??درآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مفتاح اسماعيل، وزيراعظم جي خاص معاون احد چيما، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عم??دارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي ڪشمير معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ ش??ڪت ڪئي.