اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ م??مد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. شيخ م??مد بن زيد هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان کي هر ممڪن امداد جي آڇ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو جنهن سان اٽڪل 32 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1162 جي لڳ ڀڳ فوت ۽ 3554 زخمي ٿيا آهن. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل عرب امارات پاران ??راهم ڪئي ويندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وقت سر امدا?? ۽ ??عاون تي ٿورا مڃيا ۽ امارات هلال احمر ۽ خليفه بن زيد فائونڊيشن پاران ??اران ??وڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين کي ساراهيو. شيخ م??مد بن زيد قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستاني عوام سان ??ڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ هن مشڪل وقت ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد جي آڇ ڪئي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل، گڏيل اعتما?? ۽ ??فهام تفهيم ۽ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن، اهي گڏيل لاڳاپا دلچسپي جي سمورن شعبن ?? وڌندڙ تعاون تي ٻڌل آهن.