اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏک?? ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي ۾ عالمي بئنڪ پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندي. پاڪستان جي دوري جي پڄاڻي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هاڻوڪي تباهه ڪن ٻوڏ سبب قيمتي حياتين، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو ??هي. متاثرن کي امداد جي فراهمي لاءِ عالمي بئنڪ پاڪستان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري ره?? ??هي. هن چيو ته گهرن ۽ روزگار کي پهتل نقصان جي ازالي لاءِ قدم ضروري آهن. عالمي بئنڪ جي نائب صدر چيو ته ٻو?? بعد متاثرن جي بحالي، آبادڪاري ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير لاءِ عالمي بئنڪ مجموعي طور تي 12 ارب ڊالرن جي مالي معاونت جو انتظام ڪري ره?? ??هي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو موسمياتي تبديلين سبب وڌيڪ متاثر ??هي.