نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪ??تا?? غيرمعمولي ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيز ۽ موثر قدم کنيا آهن، پاڪ??تا?? جي لاءِ ماحولياتي انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا ڇو ته پاڪ??تا?? ۾ ٻوڏ جي تباهي واضح طور تي موسمياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد جي ڪري ٿي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجون مصروفيتون سهيڙيندي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جا ايندڙ مرحلا درپيش آهن، هي ٻوڏ هڪ وڏي ڪاٿي جو الميو آهي، هن گرمي جي موسم ۾ شديد گرمي پاڪ??تا?? جي ڪيترن ئي گليشيئرز کي وگهاري ڇڏيو، گرمي جي شدت جي ڪري معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ ڪل نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي جيڪو ان جي مجموعي گهريلو پيداوار جو 10 سيڪڙو آهي، ملڪ جو ٽيون حصو هن وقت پاڻي هيٺ آهي، ٻوڏ سان 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 7 هزار ڪلوميٽر رستا، 300 پليون ۽ 50 لک ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي گلوبل گرين هائوس گئس ۾ حصيداري 0.8 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪ??تا?? کي موسمياتي تبديلين جي اثرن جي سڀ کان وڌيڪ شڪار 10 ملڪن ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪ??تا?? ٻوڏ جو پاڻي گهٽ ٿيڻ کانپوءِ بحالي جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، تباهه ٿيندڙ انفراسٽرڪچر ??ي بهتر طريقي سان ٻيهر تعمير ڪيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ ايندڙ قدرتي آفتن جو مقابلو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته 30 آگسٽ تي گڏيل قومن ۽ پاڪ??تا?? جي وچ ۾ 160 ملين ڊالر جي فليش اپيل کي اپ گريڊ ۽ نقصان جو ڪاٿو مڪمل ٿي وڃڻ کانپوءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي لاءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪ??تا?? سمجهي ٿو ته عالمي برادري جا انساني حقن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ افغان عبوري حڪومت سان رابطا ضروري آهن جن ۾ عورتن جي حقن، سياسي شموليت ۽ افغان??تا?? ۾ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف موثر ۽ ٺوس ڪارروائي شامل آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? عورتن جي تعليم جي بنيادي حق سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غيراخلاقي قدم، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي غيرقانوني طور تي ڀارت ۾ ضم ڪرڻ جي قدم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڀارتي حڪومت سمورين ڌرين جي لاءِ قابل قبول پرامن ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي حل جي لاءِ سياسي جڳهه کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.