اسلام آباد ??? 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ٿر ??هچندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٿر جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم کي ٿر ڪول پراجيڪٽ تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ٿر ڪول پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ عورت ڊمپر ڊرائيورز سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم ٿر انرجي لميٽيڊ جي ڪنٽرول روم جو دورو ڪندو. ٿرڪول مائنز جي فيز ٽو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان ط??ر شرڪت ڪندو ۽ تقريب کي خطاب ڪندو.