اسلام آباد – 17 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي جي چي??رمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز، نيشنل ڪو آرڊينيٽ?? ا??ن ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظف?? ا??بال، فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي اعليٰ عملدارن ۽ زراعت کاتي جي صوبائي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. فورم کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڻي جي نيڪالي وارن قدمن، درياهن، ڊيمن ۾ پاڻي جي آمد ۽ نيڪال بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري سروي تي هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن مطابق ڪي پي ڪي جي 20 ??لع??، بلوچستان جي 26 ??لع?? ۾ گڏيل سروي مڪمل ٿي چڪي آهي. جڏهن ته سنڌ جي 22، بلوچستان جي 6 ۽ ڪي پي ڪي جي 13 ??لع??، پنجاب جي 2 ??لع?? ۾ سروي جاري آهي. اين ايف آر سي سي هدايت ڏني ته گڏيل سروي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ٽيمن جي انگ ۾ واڌ ڪئي وڃي. اجلاس ۾ متاثر آبادگارن کي ربيع جي فصل جي ٻج جي فراهمي جي قدمن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت ۽ صوبن کي ٻج جي خريداري ۽ ورهاست جو معاملو فوري طور حل ڪري ٽانڪ ۾ متاثرن لاءِ ماڊل وليج جي قيام تي پڻ اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي.