اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آه?? ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آه??، جڏهن ته تعمير ۽ ٻيهر بحالي لاءِ پاڪستان کي 16 ارب ڊالرن جي ضرورت آه??. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آه??. رپورٽ ۾ چيو ويو آه?? ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ کانسواءِ گهرن، ز??اعت، چوپائي مال، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي شعبن کي شديد نقصان پهتو آه??، انهن شعبن ۾ ترتيبوار 5.6 ارب ڊالر، 3.7 ارب ڊالر ۽ 3.3 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آه??. رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ يعني 70 سيڪڙو سنڌ ۾ ٿيو آه??، بلوچستان نقصانن جي حوالي سان ٻي نمبر تي، خيبرپختونخوا ٽئين نمبر ?? پنجاب چوٿين نمبر تي آه??، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1730 ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيو، هن وقت به ڪيترن ئي متاثر علائقن ۾ پاڻي بيٺل آه?? جنهن سبب پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجي رهيون آه??، هن وقت 8 ملين بي گهر ماڻهن کي صحت جا مسئلا سامهون آه??. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آه?? ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب زراعت ۽ چوپائي مال جي شعبن سان لاڳاپيل عورتون وڌيڪ متاثر ٿيون آه??، عالمي بئنڪ ٻڌايو آه?? ته حڪومت متاثر ڪميونٽيز کي فوري رليف ۽ جلد بحالي ۾ مدد فراهم ڪري رهي آه??، ته جيئن ميڪرو اڪنامڪ ۽ مالياتي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي.