اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ واپار جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن، سي پيڪ پاڪستان جي ل??ءِ گيم چينجر منصوبو آهي، چين جي تعاون سان اسان پنهنجو روانگي واپار وڌائي سگهون ٿا، اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ زرعي صنعتن سا?? ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. چين جي دوري سان ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان چائنا بزنس اينڊ انويسٽميمنٽ فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پهرين پاڪستان چائنا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ فورم منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏي ٿو ۽ پراميد آهيان ته هي فورم ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم چيو ته هو اڱاري ڏينهن چين جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، جتي چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي چيانگ ۽ ٻين چيني عملدارن سان واپاري، اسٽريٽجڪ ۽ ثقافتي ل??ڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ تعميري ۽ فائديمند ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻنهي مل??ن جي ڪاروباري ل??ڳاپن جي حوالي سان سي پيڪ هڪ گيم چينجر منصوبو آهي، سي پيڪ تحت چين پاڪستان ۾ اربين رپين جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. چيني سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ توانائي جي بحران جو خاتمو ٿيو. پاڪستان جي صنعت ۽ زراعت جي شعبي ۾ به چيني سيڙپڪاري جي ڪري بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ٻئي ملڪ پنهنجي ڪاروباري ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائين. ان سان سي پيڪ جا فائدا وڌندا ۽ پاڻ ۾ ڪاروباري رابطن کي پڻ فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گڏيل واپار جا ڪيترائي امڪان موجود آهن. چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت ۽ پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو سيڙپڪار ملڪ آهي. پاڪستان کي به چين کي پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي. چين جي هائي ٽيڪ پاڪستان جي اقتصادي زونز ۾ پنهنجون صنعتون لڳائي. ڇو ته پاڪستان ۾ افرادي قوت سستي آهي ۽ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي ل??ءِ هتي برابر موقعا هوندا. هو پنهنجي پيداوار وڌائي دنيا کي برآمد ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ زراعت جي شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي ل??ءِ اسان چين جي تجربي ??ان فائدو کڻي سگهون ٿا. ڳوٺاڻن علائقن ۾ زراعت تي ٻڌل صنعتون لڳڻ سان وچ اوڀر ۽ ٻي?? مل??ن جي ل??ءِ برآمدات وڌائي سگهجي ٿي. چين جي ل??ءِ برآمدات ۾ اضافو اسان جي ترجيح آهي. ٻئي ملڪ سيڙپڪارن جي ل??ءِ واپار جا بهترين موقعا پيدا ڪري رهيا آهن. ٻنهي مل??ن جي ڪاروباري ڪمپنين جي ل??ءِ برابر موقعن سان انهن جي پيداواري صلاحيت ۾ به بهتري ايندي. چين جي حڪومت 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي لڪير ??ان ڪڍيو آهي. اسان کي چين جي ترقي جي ماڊل ??ان فائدو کڻڻ گهرجي ۽ ان تي پوري طرح عمل ڪرڻو پوندو. منهنجي چين جي دوري سان ٻطرفن اقتصادي ۽ واپاري ل??ڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي مقصد ۾ اڳڀرائي ٿيندي. وقت ڪنهن جو انتظار نه ٿو ڪري، اسان کي دستياب موقعن ??ان فائدو کڻڻو پوندو. چين جي حڪومت ۽ عوام هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. جنهن تي ان جو ٿورائتو آهيان. ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ چين ڀرپور امداد ڪئي ۽ بيجنگ ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ ايئر برج قائم ڪيو آهي. ٽينٽ، خوراڪ ۽ ميڊيڪل ٽيمون هتي موڪليون. چيني حڪومت، ڪمپنين، عوام ۽ انفرادي سطح تي ٻوڏ متاثرين جي مدد سان ٻنهي مل??ن جي مضبوط دوستي جي عڪاسي ٿئي ٿي. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ حصيدار آهن، ٻنهي مل??ن جا لاڳاپا جيو پوليٽڪس ??ان جيو اڪنامڪس طرف وڌي رهيا آهن، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي سان صنعتي سرگرميون وڌنديون ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو، پاڪ چائنا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ فورم جي ويب سائيٽ سان سيڙپڪاري جي ل??ءِ معلومات ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته چين ۽ پاڪستان آئرن برادرز آهن ۽ اسان کي پنهنجي انهن لاڳاپن کي مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻو آهي، سي پيڪ جي ڪري 2013ع کانپوءِ ٽن سالن ۾ چين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ملڪن ??ان پهرين نمبر تي اچي ويو آهي، هاڻي اسان کي چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جو هدف ٻيهر حاصل ڪرڻو پوندو، چين روانگي واپار وڌائڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪري سگهي ٿو، اسان کي چين جي ل??ءِ به پنهنجو روانگي واپار وڌائڻو پوندو، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ۽ روڊ بلاڪس ختم ڪرڻا پوندا، ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ چين جا ٿورائتا آهيون. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، چين جي صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم جي ل??ءِ همدردي جو پيغام موڪليو آهي ۽ 644 ملين يوآن جو امدادي سا??ان موڪليو آهي. ٻئي ملڪ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ روڊن جي منصوبي تي ڪم جي شروعات ٿي، هاڻي سي پيڪ اڳئين مرحلي ۾د اخل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ زراعت ۽ صنعتي سرگرمين جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري سان ٻنهي مل??ن جي رابطن کي فروغ ملندو، هي دورو ٻنهي مل??ن جي ل??ڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.