اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) حر??ت اڳواڻ ياسين ملڪ جي زال مشعال حسين ملڪ چيو آهي ته جمهوريت جو ڪوڙو لباس پائي ڀارت نام نهاد ري پبلڪ ڊي ملهائي رهيو آهي، ڀارت دنيا کي دوکو ڏيڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهائيندو آهي، ڀار??ي فوج گذريل 75 سالن کان سموري ڪشميري قوم جو رت وهائي رهي آهي. ڀارت جي نام نهاد يوم جمهوريا تي پنهنجي بيان ۾ مشعال ملڪ چيو ته جمهوريت جو ڪوڙو لباس پائي ڀارت ڪشميرين جي مسل ڪشي ۾ مصروف آهي. ڄمون ۽ ڪشمير ۾ لکن جي تعداد ۾ مقرر ڀار??ي فوج ڪشميرين کي گولين جو شڪار ڪري رهيا آهن. ڀار??ي فوج هٿان ڪشميري عورتن جي عزت پڻ محفوظ ناهي، ڀار??ي فوج ڪشميرين جي گهرن کي ساڙي رهي آهي. مشعال ملڪ چيو ته ڀار??ي فوج کان ننڍا معصوم ڪشميري پڻ محفوظ ناهن، ڀارتي حڪومت سياسي جدوجهد تي ڪشميري اڳواڻن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا آهن. ڏهه لک فو?? سان گڏ ڀارتي حڪومت پنجاهه لک هندوستانين کي پڻ ڪشميري سڃاڻپ ڏئي ڇڏي. مشعال ملڪ چيو ته ڪشميرين تي پنجاهه لک هندن کي پڻ مسلط ڪيو ويو، والاريل ڪشمير ڀار??ي فوج جي ڪالوني بڻجي چڪو آهي. دنيا ڀارت جي نام نهاد جمهوريت جي پٽي اکين تان هٽائي ۽ ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ زيادتي کي ڏسي.