اسلام آباد-04 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انسا??ي حقن جي پائمالي جو بدترين مثال قائم ڪيو آهي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي بربريت، ظلم وستم ۽ انسا??ي حقن جي بدترين پائمالي ڀارت جو مڪروه چهرو سڄي دنيا ۾ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته انسا??ي حقن جي علمبردار ملڪ، ادارا ۽ تنظيمون ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حل ڪرائڻ لاءِ قدم کڻن. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رگ آهي ۽ پاڪستان جي سموريون سياسي پارٽيون ان مسئلي جي پر??من حل لاءِ قدم کنيا آهن. ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي گڏجي وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ ادارا ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ۾ معصوم هٿين خالي ڪشميرين جي ??رپور حمايت ڪندا رهندا. يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان پهنجي پيغام ۾ سينيٽ جي ??پٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي چيو ته 5 فيبروري جو ڏينهن ڪشميرين طرفان آزادي حاصل ڪرڻ ڏنل قربانين لاءِ يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن آهي جنهن کي سڄي ملڪ ۾ رهندڙ سمورا پاڪستاني ۽ ڪشميري ڀرپور جذبي سان ملهائيندا آهن.