آديامان (ترڪيه) – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد اسان جو فرض آهي، ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان به هن مشڪل وقت ۾ پنهنجي ت??ڪ ڀينرن ۽ ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ترڪيه پاڪستان جو پراڻو دوست ۽ ڀائر اسلامي ملڪ آهي، سرديءَ جي موسم لاءِ پاڪستان مان اعليٰ معيار جا خيما تيار ڪري فوري طور تي ت??ڪيه موڪليا ??ين??ا، ترڪ عوام صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ الله جي مدد سان ان بحراني صورتحال مان جلد نڪري ايندي، ترڪيه سان گڏجي ان مشڪل جو مقابلو ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف انقره کان آديامان پهتو. وزيراعظم جو آديامان هوائي اڏي تي ت??ڪ واپار واري وزير مهمت موش، مواصلات ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير عادل اسماعيل اولو، آڊيامان جي گورنر مهمت چوهادار، ترڪ پارليامينٽ ۾ ترڪيه پاڪستان فرينڊشپ گروپ جي صدر علي شاهين ۽ ترڪ سفارتي عملدارن استقبال ڪيو. وزيراعظم زلزلي سٽيلن جي لاءِ پاڪستان پاران موڪليو ??ين??ڙ امدادي سامان ترڪ عملدارن جي حوالي ڪيو. پاڪ فضائيه جو خصوصي جهاز ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ آڊيامان پهتو هو. آديامان ترڪيه ۾ تازي زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ ٿيندڙ شهر آهي. وزيراعظم آڊيامان ۾ ريسڪيو ??پريشن ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ريسڪيو ٽيمن سان ملاقات پڻ ڪئي ۽ زلزلي متاثرين جي ريسڪيو ??ي لاءِ انهن جي ڪوششن ۽ محنت کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪ فوج ۽ ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن جي امدادي ڪاررواين کي ساراهيو. وزيراعظم ان موقعي تي زلزلي متاثرين سان انهن جي پيارن جي وڇڙي وڃڻ تي ت??زيت جو اظهار پڻ ڪيو. هن متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ??ه هو پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران پنهنجي ت??ڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ يڪجهتي جي اظهار لاءِ هتي آيو ??هي، پاڪستان مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ت??ڪ ڀينرن ۽ ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيندو، ترڪيه پاڪستان جو پراڻو دوست ۽ ڀائر اسلامي ملڪ آهي، پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ کانپوءِ ترڪ خاتون اول امينه طيب اردوان پاڻ متاثرين جي لاءِ فنڊ ريزنگ ڪئي، ترڪيه پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فضائي ۽ زمزني رستن سان ڀرپور امداد پهچائي وئي، اسان اهو جذبو ڪيئن وساري سگهون ٿا جڏهن ترڪ قيادت، حڪومت، واپارين سميت هر طبقي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي، ترڪ صدر پاڻ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه ان کان اڳ پاڪستان مان 500 ٽن امدادي شيون جن ۾ خيما، ڪمبل ۽ خوراڪ ۽ دوائون شامل هيون موڪليون ويون. ترڪيه جي صدر سان ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ??هي ته پاڪستان مان هاڻي سردين جا خيما موڪليا ??ين??ا. وزيراعظم چيو ??ه هو اڄ ??ام پاڪستان پهچڻ کانپوءِ خيما ٺاهيندڙن سان ملاقات ڪري انهن کي هدايت ڪندو ته اهي سردين جا معياري خيما هنگامي بنيادن تي بنا وقت ضايع ڪرڻ جي تيار ڪن جيڪي فضائي، سامونڊي ۽ زمزني رستن ذريعي ت??ڪيه موڪليا ??ين??ا. هن اين ڊي ايم اي چيئرمين کي ان سلسلي ۾ ٽاسڪ پڻ ڏنو. متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان ۽ ترڪيه هڪ الله، هڪ رسول ۽ هڪ قرآن کي مڃيندڙ هڪ جان ٻه دلين وانگر آهن، جهڙي طرح ترڪيه پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪئي اهڙي طرح هاڻي پاڪستان به پنهنجي ت??ڪ ڀائرن جي امداد لاءِ متحرڪ آهي. وزيراعظم چيو ??ه ترڪ عوام مشڪل جي هن گهڙيءَ مان جلد نڪرندو. وزيراعظم چيو ??ه هو عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت ٻين عالمي فورمز کان اهو مطالبو ڪري ٿو ته دنيا ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ اڳتي اچي، هي وقت سياست يا ذاتي مفادن جو نه آهي پر متاثرين جي بقاءَ جو سوال آهي، اسان پراعتماد آهيون ته جلد ترڪيه هن مشڪل صورتحال مان نڪرندو. هن چيو ??ه هو اسلامي ت??اون تنظيم جو خصوصي اجلاس گهرائڻ جي حوالي سان پڻ او آءِ سي سيڪريٽري کي ت??ويز ڏيندو. هن چيو ??ه اڄ وقت آهي ته اسان متحد ٿي ت??ڪيه جي مدد ڪريون، پاڪستان جا ماڻهو ترڪ زبان جڏهن ته ترڪيه جا ماڻهو اردو زبان کان واقف نه هجڻ جي باوجود هڪ ٻئي جو ڏک درد سمجهن ٿا. ان موقعي تي زلزلي متاثرين پاڪستان زندهه آباد جا نعرا هنيا، متاثرين وزيراعظم کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي ان جا ٿورا مڃيا.