اسلام آباد – 10 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان سعودي عرب ۽ اي??ان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان موجب پاڪستان عوامي جمهوريه چين پا??ان سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه اي??ان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي شاندار آجيان ڪري ٿو. بيان موجب پاڪستان کي پڪو يقين آهي ت?? اها اهم سفارتي اڳڀرائي خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ترجمان چيو ته اسان ان تاريخي معاهدي کي ٺوس بڻائڻ ۾ چين جي دورانديش قيادت جي ڪردار کي ساراهيون ٿا جيڪو تعميري ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ??ي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ت?? اسان ان مثبت اڳڀرائي ت?? سعودي عرب ۽ اسلامي جمهوريه اي??ان جي قيادت کي ساراهيون ٿا. بيان موجب پاڪستان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ خال کي ڀرڻ جي لاءِ مسلسل تعاون ۽ هم آهنگي جي ڪوششن جي تاريخ سان گڏوگڏ وچ ا??ڀر ۽ خطي ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو. بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ت?? اهو مثبت قدم علائقائي تعاون ۽ هم آهنگي جي لاءِ هڪ راهه کي متعين ڪندو.