اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڌندڙ آبادي ۽ پوکي جوڳي زمينن ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رک??دي مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رک??دي فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان ننڍي، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري پاليسي جوڙي وڃي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان ٽيڪنالاجي ۽ جديد طريقن کي استعمال ۾ آڻڻ ج?? سلسلي ۾ منصوباب??دي ڪئي وڃي، وزيراعظم اهڙن خيالن جو ??ظهار اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ مرزا شهزاد اڪبر، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، عثمان ڊار ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. چارئي صوبائي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.