اسلام آباد – په??ين سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمرا?? خان جمعي ڏينهن ڪراچي جي دوري ??ور??ن شهر جي مسئلن جي حل لاءِ جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندو، وزيراعظم عمرا?? خان برسات ۽ ٻوڏ متاث??ين جي مدد لاءِ احساس پروگرامن جو ٻيو مرحلو جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، نواز شريف کي قانون جي سامهون پيش ٿي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، پاڪستان دشمن سي پيڪ جي خلاف سازش??ن ڪري رهيا آهن، اهو ملڪي ترقي جو منصوبو آهي، اسان ثابت قدمي سان ان تي ڌٻو نه اچن ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمرا?? خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪيو، اطلاعات واري وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمرا?? خان سميت حڪومت جون سموريون همدردي??ن ڪراچي جي عوام سان گڏ آهن، ڪراچي جا ماڻهو جهڙي صورتحال مان گذري رهيا آهن اهي سڀني جي سامهون آهي، وزيراعظم عمرا?? خان چاهي ٿو ته ڪراچي جون حالتون بهتر ٿين، وزيراعظم عمرا?? خان جمعي ڏينهن ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم پنهنجي دوري ??ور??ن سنڌ حڪومت، اين ڊي ايم اي سميت لاڳاپيل ڌ??ين جي مشاورت سان ڪراچي جي مسئلن جي حل جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جو اعلان ڪندا.