اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت اڏاوتن ۽ ايس ايم ايز جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان سلسلي ۾ نه رڳو رڪاوٽون ختم ڪيون وينديون پر سموريون ممڪن مراعتون به فراهم ڪيون وينديون. هو سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيز ب??بت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صنعت وارو وزير حماد اظهر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وز??ر سينيٽر شبلي فراز، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ ??يخ، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ايف بي آر جو چيئرمين، لاڳاپيل وزارتن ج?? سيڪريٽريز ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا.