اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان مذهبي معاملن و??ري وفاقي وزير پير نور الح?? قادري ملاقات ڪئي جنهن ۾ بابري مسجد جي شهادت جي حوالي سان ڀارت جي خصوصي عدالت جي فيصلي سميت ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پير نور الح?? قادري قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي افغانستان جي لاءِ نئين ويزا پاليسي جي منظوري جي لاءِ ڪردار جي واکاڻ ڪئي، هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته افعانستان جي لاءِ نئين ويزا پاليسي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ واپ??ري سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۾ جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، اسپيڪر اسد قيصر بابري مسجد جي شهادت جي حوالي سان ڀارت جي خصوصي عدالت جي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارت ۾ ??قل??تن خاص طور تي مسلمانن جي بنيادي حقن کي بري طرح پائمال ڪيو پيو وڃي ۽ ان فيصلي سان پوري مسلمان امت جا جذبا مجروح ٿيا آهن.