اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪو??رڊينيشن ڪمي??ي جو هفتيوار اجلاس من??قد ٿيو. هائوسنگ واري وزارت پاران وزيراعظم کي وفاقي حڪومت جي ادارن جي دير جو شڪار منصوبن تي ڪم جاري ڪرڻ، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي منصوبن جي نتيجي ۾ تعمير ٿيندڙ هائوسنگ يونٽس ۽ انهن منصوبن جي ماليت جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿار??ي جا تقريبن 10 منصوبا گذريل ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا جنهن تي ٻيهر ڪم جاري ڪيو ويو آهي ان جي نتيجي ۾ 38667 يونٽس تعمير ٿيندا. انهن منصوبن جو ڪاٿو 120.21 ارب ر??پي?? آهي، انهي طرح پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن جا ٽي منصوبا جيڪي ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار هئا ۽ جن تي ڪم جو ٻيهر آغاز ڪيو پيو وڃي ان جي نتيجي ۾ 5372 يونٽس تعمير ٿيندا جنهن جو ڪاٿو 27.85 ارب ر??پي?? آهي، هن سال جاري منصوبن جي نتيجي ۾ 26625 يونٽس تعمير ٿيندا جنهن جي ماليت 213.4 ارب ر??پي?? آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سال 2020ع جي ايندڙ سال جاري ٿيندڙ منصوبن جي نتيجي ۾ 25017 يونٽس تعمير ٿيندا جنهن جي ماليت جو ڪاٿو 112.03 ارب ر??پي?? آهي.