اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان جي صدارت ۾ جمعي ڏينهن پاڪستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ راوي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ورڪنگ گروپس جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ پنجاب جو چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب و??ير??عظم کي ٻنهي منصوبن تي هن وقت تائين ٿيندڙ ??ڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، و??ير??عظم کي ٻڌ??يو ويو ته راوي سٽي ۽ ٻيٽن تي آباد ٿيندڙ ??هر ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سرسبز شهر (گرين سٽي) جي اصولن جي عين موجب هوندا، راوي ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي چيئرمين ٻڌ??يو ته تعميرات جي لاءِ 18600 ايڪڙ زمين جو سروي مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ مقامي آبادي کي بي دخل ڪرڻ يا ڪنهن ٻي جاءِ تي منتقل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، هن ٻڌ??يو ته راوي سٽي منصوبو عالمي معيار موجب رهائش سان گڏوگڏ پاڻي جي نيڪالي، زمين جي اندر پاڻي جي ذخيرن جي دستيابي ۽ حفاظت ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان خطي ۾ پيروي ڪرڻ جو نمونو ثابت ٿيندو، واضح رهي ته اهو منصوبو قرض بدران حصيداري جي بنياد تي ٺاهيو پيو وڃي جنهن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي ادارا ۽ سيڙپڪار دلچسپي جو اظهار ڪري رهيا آهن.