اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي( گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 45 فوتگيون ٿيون جنهن مان 22 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي 2 هزار 417 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 45 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ??يا جن مان 38 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ??يا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 34 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 55 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 31 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 48 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??وو??ڊ – 19 جا 40 هزار 359 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 9، پنجاب ۾ 14 هزار 710، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 163، اسلام آباد ۾ 5 هزار 153، بلوچستان ۾ 568، گلگت بلتستان ۾ 390، آزاد ڪشمير ۾ 367 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ??وو??ڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 69 هزار 306 ٿي چڪو آهي. آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ??وو??ڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ??وو??ڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ??وو??ڊ 19 جا 322 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ??وو??ڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 34 هزار 169 آهي.