اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته افغان مسئلي جي سياسي حل جي ضرورت آهي، رشين فيڊريشن سان واپار، ريلوي، هوابازي سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جا خواهشمند آهيون. پاڪستان جي دوري تي آيل روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف وز??را??ظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ روس ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وز??را??ظم جون ۾ بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي ??جل??س جي موقعي تي صدر والادي مير پوٽن سان پنهنجي ملاقات جو ذڪرو ڪيو، جتي هن ٻه طرفي لاڳاپن کي هڪ نئين سطح تي وٺي وڃڻ جي خواهش تي زور ڏنو هو. وز??را??ظم هڪ اهم پرڏيهي پاليسي جي ترجيح جي طور تي روس سان پنهنجي لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻه طرفي لاڳاپن ۾ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. جنهن ۾ واپار، توانائي، سلامتي ۽ دفاع ۾ گِهرو تعاون شامل آهي. وز??را??ظم ”پاڪستان اسٽريم“ (اتر ڏکڻ) گئس پائيپ لائين منصوبي جي لاءِ گهربل قانوني عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ ۽ جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ توانائي، صنعتي جدت، ريلوي ۽ هوابازي جي ش??بن ۾ ٻه طرفي تعاون ک?? وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هن سال جي آخر ۾ ماسڪو ۾ ٿيندڙ بين الحڪومتي ڪميشن (آءِ جي سي) ان ڏس ۾ مخصوص تجويزن ۽ منصوبن کي پيش ڪندي، ڪووڊ – 19 وبائي مرض جي ذريعي درپيش صحت ۽ معاشي چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وز??را??ظم روس کي ڪورونا ويڪسين ٺاهڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان جي منصوبن تي زور ڏنو، وز??را??ظم افغان تڪرار جو ڳالهين سان سياسي حل جي اهميت تي زر ڏنو، ماسڪو ۾ تازي ??جل??س جي ميزباني جي ذريعي پاڪستان افغان امن عمل کي فروغ ڏيڻ ۾ روس جي ڪوششن کي ساراهيو.