اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر چ??و آهي ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، مڊل مين جي ڪردار جو تدارڪ ۽ آبادگارن کي سستي اگهه تي ڀاڻ ۽ ٻج جي فراهمي سان آبادگار خوشحال ٿيندو ۽ زرعي پيداوار وڌندي جڏهن ته ??نج??ب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو چوڻ هو ته ايندڙ بجيٽ عوام ۽ آبادگار دوست هوندي. ??نج??ب جي وڏي وزير عثمان بوزدار قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ??نج??ب ۾ جاري ميگاپروجيڪٽس ۽ ايندڙ بجيٽ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر اسد قيصر چ??و ته ملڪي معيشت ۾ زراعت ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، پارليامينٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي زراعت ڪميٽي قائم ڪئي وئي.