اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) تاجڪستان جو صدر امام علي رحمانوف، وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ اڄ اربع تي ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچندو. پرڏيهي آ??يس موجب پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثق??فت جي بنياد تي ويجها ڀائراڻي لاڳاپا آهن، اهي لاڳاپا گڏيل احترام ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهش تي آ??ن، وچ ا??شيا سان ويجهي لاڳاپن ۽ تعاون ۾ اض??في لاءِ پاڪستان جي ويزن جي ڏس ۾ تاجڪستان اهيمت رکندڙ آهي.