اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪنٽونمنٽ چونڊن ۾ عوام وزيراعظم عمران خان تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هڪ دفعو ٻيهر پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ سيٽن سان سر فهرست رهي، پي ٽي آءِ وا??د قومي پارٽي جي طور تي اڀري سامهون آئي جنهن سمورن صوبن ۾ نمائندگي حاصل ڪئي آهي. سومر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪت?? وزير فرخ حبيب چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي سڪڙجي علائقائي پارٽيون بڻجي چڪيون آهن، بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ن) هڪ به سيٽ نه کٽي سگهي. سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) جو پنجون نمبر رهيو، پيپلزپارٽي پن??اب ۽ بلوچستان ۾ هڪ به سيٽ حاصل نه ڪري سگهي.