اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته رحم?? اللعالمين اٿارٽ?? جي ذريعي پوري ??نيا کي نبي ﷺ جي سيرت ??ُب??رڪ بابت آگاهي ڏني ويندي، 12 ربيع الاول جي تقريب پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي تقريب هوندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ رحم?? اللعالمين اٿارٽي تي اڳڀرائي ۽ 12 ربيع الاول جي تيارين تي جائزي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي عيدميلاد النبي ﷺ جي تقريب جي تيارين جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، ان کانسواءِ وزيراعظم کي رحم?? اللعالمين ﷺ اسڪالرشپ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته رحم?? اللعالمين ﷺ اسڪالرشپ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ضرورت ۽ ميرٽ ??ي بنياد تي ڏنو ويندو، اسڪالرشپ حضور ﷺ جي حيات ۽ سيرت تي تحقيق ڪندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين لاءِ مختص ڪيو ويو آهي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان تي آل پاڪستان نعت مقابلن جو انعقاد ڪيو ويو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته مقابلن ۾ پوري پاڪستان مان نعت خوانن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اٿارٽ?? جي ذريعي حضور پاڪ ﷺ جي سيرت جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردارسازي تي ڌيان ڏنو ويندو، اٿارٽ?? جي ذريعي نوجوان نسل کي مسلمانن جي تاريخ ۽ اسلامي انقلاب جي رخن کان روشناس ڪرايو ويندو، اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پير نور الحق قادري، شفقت محمود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، ڊاڪٽر ارسلان خالد ۽ سينيٽر فيصل جاويد شرڪت ڪئي.