اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي ويو. ڪابل ايئرپورٽ تي افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان ??تق??، افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي سينئر عملدارن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. وزيراعظم جي افغانستان بابت خاص نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ڪامرس سيڪريٽري صالح احمد فاروقي، پي آءِ اي چيئرمين ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ، نادرا چيئرمين طارق ملڪ، ڪسٽمز، ايف بي آر ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي هڪ ڏينهن جي دوري دوران افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند، پرڏيهي وزير امير خان ??تق?? ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ??ند??، انهن ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن، گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي مختلف طريقن تي غور ويچار ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير ٻين افغاني اڳواڻن سان به ملاقاتون ??ند?? ۽ افغان اڳواڻن کي افغانستان ۾ امن ۽ امان جي قيام ۽ آئنده جي لائحه عمل جي حوالي سان پاڪستان جي ??وق?? کان آگاهه ??ند??.