استنبول – 10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چي?? آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ پارلياماني ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ جي ذريعي انهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ??و خواهشمند آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ڊپٽي اسپيڪر استنبول ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ( پي يو آءِ سي) جي 16 هين اجلاس جي موقعي تي قطر جي ڊپٽي اسپيڪر سان ٿيندڙ سائيڊ ل??ئي?? گڏجاڻي ۾ ڳاله??ئي??دي ڪيو. ملاقات ۾ ٻه طرفي علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ٻنهي م??ڪن جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي م??ڪن جا پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن جي ويجهو آڻڻ ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي شعبن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ ??ي اتفاق ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۾ هنرمند افرادي قوت موجود آهي جيڪا قطر ۾ منعقد فيفا ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ انفرااسٽرڪچر جي تعمير ۽ سيڪيورٽي فراهم ??رڻ ۾ بهرين خدمتون سرانجام ڏئي سگهي ٿي. قطر جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان اسلامي دنيا جو هڪ اهم ملڪ اهي ۽ قطر پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ ??ي تجويز سان اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر کانسواءِ سينيٽر رانا مقبول احمد ۽ ترڪي ۾ پاڪستاني سفير محمد سائرس سجاد قاضي به موجود هئا.