اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي مشهور تجزيه ڪارن افغانستان جي موجوده صورتحال تي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ميزباني ۽ پاڙيسري ملڪن جي ڀلائي لاءِ اسلامي ملڪن کي شامل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو آهي. عالمي لاڳاپن ج?? ماهر ڊاڪٽر اي زيڊ هلالي ر??ڊيو پاڪستان جي ڪرنٽ افيئر پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان کي ٻين ملڪن سان ملائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ر??يو آهي، هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪ?? ا??غانستان خطي جي بهترين مفاد ۾ آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان طالبان جي حڪومت کي عالمي سطح تي تسليم ڪرڻ لاءِ دوست ملڪن سان گڏجي هر ممڪن ڪوششون ڪري ر??يو آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪ?? ا??غانستان خطي جي پنهنجي بهترين مفاد ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان طالبان جي حڪومت کي عالمي سطح تي تسليم ڪرڻ جي لاءِ دوست ملڪن سان گڏجي هر ممڪن ڪوشش ڪري ر??يو آهي. وڌيڪ اقتصادي بحران کان بچڻ لاءِ آمريڪا کي افغانستان جا منجمند اثاثا جاري ڪرڻ تي راضي ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته افغانستان کي نازڪ صورتحال مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪو رستو ڪڍڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو ڄاڻي چڪا آهن ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي پر ڳالهيون ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. عالمي لاڳاپن ج?? ماهر ڊاڪٽر هما بقائي وڌيڪ چيو ته هي عالمي برادري جي ذميداري آهي ته هو نه رڳو افغان عوام جي خاطر پر عالمي امن جي لاءِ به صورتحال جو جواب ڏي. هن چيو ته ان معاملي کي سمورن فورمن تي کڻڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته وقت جي ضرورت آهي ته مسلمان ملڪ متحد ٿي وڃن ۽ افغانستان کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ مناسب قدم کڻن. دفاعي تجزيه ڪار ميجر جنرل (ر) اعجاز اعواڻ چيو ته پاڪستان هڪ ڪوشش ڪئي آهي ڇو ته افغانستان سنگين بحرانن ۾ آهي خاص طور تي معاشي بحران جو افغان عوام جي ر??ز مره زندگي کي متاثر ڪري ر??يو آهي جيڪو گذريل 4 ڏهاڪن کان پهرين ئي ٻاهرين حملن جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار هو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان بجا طور تي دنيا تي زور ڏئي ر??يو آهي ته هو موجوده افغان حڪومت ۽ افغان عوام کي مدد فراهم ڪري. هن چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ فڪرمند ڪو ٻيو نه آهي ڇو ته ان جي جنگ سٽيل ملڪ سان ڊگهي سرحد گڏيل آهي ۽ هو پهرين ئي تقريبن 30 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري ر??يو آهي.