اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مريءَ ۾ رستن تي سياحن جي افسوسناڪ فوتگين تي صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪندي ان جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته کيس مريءَ ۾ سياحن جي فوتگين سبب سخت صدمو پهتو آهي، غيرمعمولي ??رفباري ۽ موسم جي صورتحال ڄاڻڻ کانسواءِ عوام پاران مريءَ ڏانهن وڃڻ سان اها صورتحال پيدا ٿي، غيرمعمولي ??ورتحال ضلعي انتظاميا کي به تي??ري جو موقعو نه ڏنو. وزيراعظم چيو ته اهڙن واقعن جي رو??ٿا?? لاءِ سخت قاعدا ٺاهيا ويندا.